سموگ ڪاروباري زندگي کي سخت متاثر ڪري سگهي ٿي

سموگ ڪاروباري زندگي کي سخت متاثر ڪري سگهي ٿي

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي سينئر وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سموگ جي ڪري ڪاروباري زندگي سخت متاثر ٿي سگهي ٿي، حڪومت سموگ کي منهن ڏيڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي، ڪنيئرڊ ڪاليج لاهور ۾ خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته پنجاب جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال تي پابندي لڳائي وئي آهي، عوام جي تعاون کانسواءِ هوائي آلودگي کي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي،هن چيو ته اسان کي سموگ جي سببن کي ختم ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي ماحول کي صاف رکڻو پوندو، هوا جي معيار جي انڊيڪس کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن.صوبائي وزير چيو ته اينٽن جي ڀٽن کي زگ زيگ ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪيو ويو آهي، سڄي پنجاب لاءِ سموگ وار روم قائم ڪيو ويو آهي، ۽ ڪنهن به قسم جي خلاف ورزي جي رپورٽ ڪرڻ لاءِ هڪ هيلپ لائن قائم ڪئي وئي آهي.هن وڌيڪ چيو ته پنجاب حڪومت صاف ماحول لاءِ آگاهي مهم پڻ شروع ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو