ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي سليڪشن بورڊ ٽو جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اطلاعات کاتي جي سينيئر آفيسر، نامور اديب، شاعر ۽ ڪالم نگار سرور سميجو کي گريڊ 19 ۾ ڊائريڪٽر جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي۔ سرور سميجو پنهنجي ادبي، صحافتي ۽ سماجي خدمتن سبب وڏي سڃاڻپ رکي ٿو. هن عوامي آگاهي، ثقافتي قدرن جي واڌ ويجهه ۽ سرڪاري پيغام کي عام ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. سندس ترقي کي خدمتن، محنت ۽ قابليت جو اعتراف قرار ڏنو پيو وڃي۔ اجلاس دوران مختلف کاتن جي ڪل 270 آفيسرن جي ترقي جي سفارش ڪئي وئي۔ پوليس کاتي جي 43 ڊي ايس پيز کي ايس پي (گريڊ 18) طور ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي۔ صحت کاتي جي 165 ميڊيڪل آفيسرن کي سينيئر ميڊيڪل آفيسر ۽ 23 آفيسرن کي سينيئر ڊينٽل سرجن بڻايو ويو۔ ان کان علاوه، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي 11 پروفيسرن کي گريڊ 19 ۾، جڏهن ته ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي 19 آفيسرن کي چيف لائبريرين (گريڊ 19) مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي۔ ان کانسواءِ، سوشل ويلفيئر کاتي جي 6 آفيسرن کي پڻ ڊائريڪٽر جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي۔ هي فيصلا حڪومتِ سنڌ جي ميرٽ، شفافيت ۽ اداري سڌارن سان وابستگي جو چٽو ثبوت آهن۔










