سرهاڙي: زال جي ناراضگي تي مڙس جي آپگهات

سرهاڙي: زال جي ناراضگي تي مڙس جي آپگهات

سرهاڙي: (ن س) سرھاڙي ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان زال جي ناراض ٿي مائٽن ڏانهن ڏانهن وڃڻ تي بجلي جي ٽرانسفارمر ۾ ھٿ وجھي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، سرهاڙي ڀرسان ڳوٺ لونگ خان ٽالپر جي رهواسي 26 ورهين جي نوجوان اڪرم مگسي ڳوٺ ڀرسان مبينا طور زال جي ناراض ٿي مائٽن ڏانهن وڃڻ تي بجلي جي ٽرانسفارمر ۾ ھٿ وجھي آپگهات ڪري ڇڏيو. واقعي جي اطلاع ملندي ئي سرهاڙي پوليس موقع تي پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقا اسپتال شهدادپور منتقل ڪري ڇڏيو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو فوتي نوجوان جي والده مسمات آمنا مگسي ٻڌايو تہ سندس پٽ اڪرم جي شادي ڪجھ سال اڳ راحيلا ڌي محبوب مگسي سان ٿي هئي، جيڪا گهريلو معاملن سبب زال ناراض ٿي مائٽن وٽ ويهي رهي. بعد ۾ اڪرم پنهنجي ساھرن وٽ ان معاملي جي حل لاء ويو، جتي کيس موٽايو ويو. هن ٻڌايو ته اڪرم کي بعد ۾ خبر پئي ته سندس زال جو مبينا طور نڪاح مٿان نڪاح محمد عظيم مگسي سان ڪرايو ويو آهي جنهن کان پوءِ هو گذريل ڏينھن ساھرن وٽ ويو تہ اتي ھن جي گھر واري جي ڀائرن کيس سخت تشدد جو نشانو بنائي واپس موٽائي ڇڏيو. جنهن کان پوءِ هو سخت ذهني پريشاني ۾ مبتلا ٿي واپس گهر آيو ۽ مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو. .فوتي نوجوان جي امڙ مطالبو ڪيو تہ مذڪورہ جوابدارن کي گرفتار ڪري کيس انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ جاري آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو