دادو(رپورٽر) دادو ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٿي گذري، عدالت ايندڙ ٻڌڻي 6 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي؛ الزام هيٺ آيل 2 ايم پي اي ڀائرن ٻڌڻي دوران سردار خان جي طبعيت خراب هجڻ ڪري عدالت کان اجازت نامو وٺي عدالت مان نڪري ويا؛ جڏهن عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته ڪيس سٺي نموني هلي رهيو آهي،اسان جي وڪيل فائنل آرگيومينٽس جاري رکيا آهن 6 مهينن تائين اسان جي گواهن کان آڏي پڇا ٿي آهي،ڄاڻايل جوابدار ايم پي اي سردار خان چانڊيو کي ائين چوندس ته هو ڀڄي ڪري نڪري ويو آهي هي اهي ماڻهون آهن جيڪي پنهنجي تختن تان اٿڻ لاء تيار نه هيا هنن زندگي ۾ الائي ڪيترا گهر اجاڙيا آهن احتساب ڏيڻ لاءِ هي آيا آهن مان سردارن کي ڳچي کان وٺي عدالتن ۾ اچي بيهاريو آهي اميد آهي ته هنن کي ڦاسي جي فندي تي ڏسندس.اسان جهڙا مظلوم انصاف لاءِ عدالت پهچن ٿا انصاف ٿيندو ته هي انصاف سموري مظلومن لاءِ هوندو فتوا قريب آهي مونکي سنڌ جي عوان جون دعائون آهن مونکي دعا ڪندا رهن مان ظالمن خلاف بيٺل آهيان صرف پنهجي لاءِ نه پر مظلومن لاء بيٺل آهيان.؛










