سجاول جوڻيجو (ن س)سجاول جوڻيجو ڀرسان ڪارنھن الزام هيٺ ٻٽو قتل ، سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد جانوري چوڪ وٽ گھر پنھنجا ۾ جوابدار مير ابڙو 24 ورھين جي زال باڳل کي گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو ،جڏھن ته نوجوان محمد ظفر چنجڻي کي به قتل ڪري ڇڏيو آھي ، واقعي جا اطلاع ملڻ کان پوءِ پوليس جاء واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي ڪري ضروري ڪارروائي لاءِ ميروخان اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آھي ، جڏھن ته ميروخان اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ سبب مقتولہ باڳل جي لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ قمبر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ، پوليس موجب لاشن کي ظاھري ڪوبه ڌڪ لڳل نه آهن ۽ ٻئي لاش گھرن کان پري زمين تان مليا آهن ، رپورٽ اچڻ بعد واضح ٿيندو وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون ، آخري اطلاع ملڻ تائين جوابدار گرفتار ناهي ٿي سگھيو










