اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي عدالت سارا انعام قتل ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج ناصر جاويد رانا ڪيس جي ٻڌڻي هلائي،ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار شاهنواز امير جي والده ثمينه شاهه جي وڪيل نثار اصغر حتمي دليل ڏيندي چيو ته ثمينه شاهه تي قتل ۾ معاونت جا الزام ثابت نه ٿي سگهيا آهن،وڪيل نثار اصغر دليل ڏنا ته پراسيڪيوشن هڪڙي ئي ڏينهن شاهنواز امير جي والد اياز امير ۽ والده ثمينا شاهه کي قتل ڪيس ۾ نامزد ڪيو،وڪيل نثار اصغر پاران ثمينا شاهه کي ڪيس مان آجو قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي،پراسيڪيوٽر رانا حسن عباس حتمي دليل ڏيندي چيو ته شاهنواز امير سموري رات سارا کي تشدد جو نشانو بڻائيندو رهيو، سارا جي رڳو مٿي تي ئي 7 کان وڌيڪ زخمن جا نشان هئا،مقتوله سارا جي والد انعام رحيم چيو ته تشدد وقت منهنجي ڌيءَ دانهون ڪيون هونديون، منهنجي ڌيءَ جو آواز شاهنواز امير جي والده جي ڪنن تائين ڪيئن نه پهتو؟ هنن ڄاڻي واڻي پوليس کي بروقت اطلاع نه ڏنو،عدالت ۾ بيان ڏيڻ وقت سارا جو والد روئي ويٺو، فريادي جي وڪيل رائو عبدالرحيم پاران جوابدار شاهنواز امير کي موت جي سزا ڏيڻ جي استدعا ڪئي،جوابدار شاهنواز امير جي والده ثمينه شاهه چيو ته واقعي وقت مان ٻئي ڪمري ۾ موجود هيس، مون کي پٽ فون ڪري گهرايو، مون اياز امير کي فون ڪري اطلاع ڪيو،اياز امير چيو ته شاهنواز کي ٻڌي ڪمري ۾ بند ڪيو متان ڀڃي نه وڃي، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو










