راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻو وزيراعظم عمران خان ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي تي سائفر ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ جي باني ۽ شاهه محمود قريشي خلاف فرد جرم اسپيشل ڪورٽ آف آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ٻڌائي.عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي صحت جرم کان انڪار ڪري ڇڏيو،ايف آءِ اي اسپيشل پراسيڪيوٽر شاهه خاور ۽ ذوالفقار عباس نقوي عدالت ۾ پيش ٿيا، پي ٽي آءِ جو باني وڪيل عثمان گل ۽ شاهه محمود قريشي جا وڪيل بئريسٽر تيمور ملڪ عدالت ۾ پيش ٿيا.جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ اڊيالا جيل ۾ سيفرنس ڪيس جي باقاعده ٽرائل شروع ٿيندي.










