سائفر ڪيس ٻيهر چئلينج،خان پاران بري ڪرڻ جي استدعا

سائفر ڪيس ٻيهر چئلينج،خان پاران بري ڪرڻ جي استدعا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ جي باني اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سائفر ڪيس کي چئلينج ڪري ڇڏيو.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سڪرنڊ ڪيس ۾ هن وقت تائين ڪيل ڪارروائي کي غير قانوني قرار ڏئي باني پي ٽي آءِ کي بري ڪيو وڃي،ٽرائل ڪورٽ جي 23 نومبر کان هلندڙ ڪارروائي غير قانوني ۽ انصاف جي تقاضائن جي ابتڙ آهي، 12 ڊسمبر تي ٽرائل ڪورٽ اسان جي سائفر ڪيس خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي،درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ٽرائل ڪورٽ جي جج آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ جي سيڪشن 13 (2) (3) ۾ لفظ شڪايت جي صحيح تشريح نه ڪئي.قانون ۾ لفظ ’شڪايت‘ جي تشريح واضح آهي،پوليس آفيسر جي رپورٽ ۾ ڪو به ذڪر ناهي،ڪرمنل پروسيجر جو سيڪشن 4 (h) پڻ لفظ شڪايت جي وضاحت ڪري ٿو، قانون جي مطابق شڪايت جو مطلب آهي هڪ زباني يا تحريري درخواست جيڪا ڪنهن الزام تي مئجسٽريٽ اڳيان ڪئي وئي،پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ايف آءِ آر ۽ پوليس رپورٽ جي بنياد تي ڪئي پئي وڃي.درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ هڪ اسپيشل قانون آهي جيڪو عام قانون کان مختلف آهي، خاص قانون هجڻ جي ڪري آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ لاڳو ڪرڻ وقت قانوني طريقيڪار اختيار ڪرڻ ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو