سائفر ڪيس: خان ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو

سائفر ڪيس: خان ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)سائفرس ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي دوران اسپيشل ڪورٽ آف آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين فرد جرم لاڳو ڪيو.پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي صحت جرم جي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي فرد جرم روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.عدالت ڪيس جي شاهدن جا بيان 27 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتا آهن. ڪيس جي ٻڌڻي 27 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو