زوب (ويب ڊيسڪ) فتنه الھندوستان جي خوارج جي افغان سرحد تان پاڪستان ۾ گھڙڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي. آءِ ايس پي آر موجب، هندستان جي حمايت يافته خوارج 7 ۽ 8 آگسٽ جي رات افغان سرحد تان دراندازي جي ڪوشش ڪئي، پر سيڪيورٽي فورسز 33 خوارج کي ماري ڇڏيو جيڪي دراندازي جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز ژوب جي سامبازا علائقي ۾ خوارج جي حرڪت جو پتو لڳايو ۽ هندستان جي حمايت يافته خوارج جي دراندازي جي ڪوشش کي مؤثر طريقي سان ناڪام بڻايو. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مارجي ويل خوارج جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مادو به هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز سرحدن جي حفاظت ۽ هندستان جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.










