ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) شهر جي مصروف ترين علائقي صدر ۾ ريڙهي وارن جي بدمعاشي عروج تي پهچي وئي، ٽريفڪ پوليس آفيسر کي تشدد جو نشانو بنائي ڇڏيو، واقعي جي فوٽيج به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. صدر پوليس ٽريفڪ پوليس آفيسر کي تشدد جو نشانو بنائيندڙ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.ٽريفڪ ۾ رنڊڪ وجهندڙ ريڙهي وارن کي روڊ تان هٽائڻ جي لاءِ ايندڙ ٽريفڪ پوليس آفيسر کي تشدد جو نشانو بنايو ويو. واقعي جي فوٽيج به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جنهن ۾ ريڙهي واري کي ٽريفڪ پوليس آفيسر کي مارڪٽ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. ريڙهي واري طرفان ڌڪا ڏيڻ سبب پوليس آفيسر زمين تي به ڪري پيو.ريڙهي واري جي ٽريفڪ پوليس آفيسر کي مارڪٽ دوران ٻين ٽريفڪ پوليس اهلڪارن وچ ۾ پئي جهيڙي کي ختم ڪرايو. ٻئي طرف صدر ٿاڻي تي پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ملوث جوابدار عبدالقادر کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته فرار ٿيل ساٿي جي ڳولا جاري آهي.ياد رهي ته صدر واري علائقي ۾ جڳهه جڳهه تي ريڙهن جي رش هجڻ سبب اڪثر ٽريفڪ جي روانگي متاثر رهندي آهي. ڪيترن ڏهاڪن کان جاري انهي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ انتظاميه ناڪام نظر ايندي آهي.










