ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ڪابينا، سنڌ سولر رٿا ۾ ڪرپشن ڪندڙ ڪمپني کي بليڪ لسٽ ڪرڻ، ڊي ايڇ اي وارن لاءِ پاڻي جي قيمت گهت ڪرڻ، سنڌ ۾ رينجرز جي مدي ۾ هڪ سال جي واڌ، ٿرڪول کان ڇور ۽ ڇور کان پورٽ قاسم تائين ريلوي لائين وڇائڻ سميت اهم فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پهرين ڊسمبر سومر تي سنڌ جي وڏِي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾27 نڪاتي ايجنڊا تي غور بعد اهم فيصلا ڪيا ويا. ڪابينا ٿر ڪول فيلڊ کان ڇور تائين ريلوي لائين جي تعمير لاءِ 6.6 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري به ڏني. ڪابينا پاڪستان رينجرز جي ڪراچي ۾ تعيناتي جي مدي ۾ 9 ڊسمبر 2025 کان هڪ سال جي واڌ جي منظور ڏئي ڇڏي.
ڊي ايڇ اي لاءِ پاڻي جي قيمت ۾ گهٽتائي
لوڪل گورنمينٽ کاتي پاڻي جي ان منصوبي بابت تجويز پيش ڪئي جنهن تحت ڊملوٽي کان ڊي ايڇ اي تائين پائپ لائين، پمپنگ اسٽيشن، فلٽريشن پلانٽ ۽ ٻيا ڪم شامل آهن.ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشنKWSC اڳ ۾ پاڻي جي وڪري جي قيمت 0.85 رپيا في گيلن مقرر ڪئي هئي، پر ڊي ايڇ اي سان ڳالهين کان پوءِ تجويز ڏني وئي ته اها قيمت 0.60 رپيا في گيلن ڪرڻ جي تجويز منظور ڪئي وئي. هي قيمت ايندڙ 10 سالن واري ادائيگي جي شيڊول تائين برقرار رهندي.
سنڌ جي زمينن جو مڪمل ڊجيٽل ريڪارڊ ۽ بلاڪ چين تي منتقلي
سنڌ ڪابينا اصولي طور ”ڊجيٽل لئنڊ رڪارڊ سسٽم“ جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کي سکر آئي بي اي يونيورسٽي تيار ڪري رهي آهي. پائلٽ مرحلو تقريباً مڪمل ٿي چڪو آهي، ۽ 3 سالن ۾ سڀني ضلعن کي ڊجيٽلائزيشن هيٺ آندو ويندو. هن منصوبي هيٺ: موجوده زمينن جو مڪمل ريڪارڊ جانچيو ويندو، درست ڪري، بلاڪ چين بيسڊ ڊيٽابيس ۾ منتقل ڪيو ويندو؛ زمين جي ٽرانسفر مڪمل طور آن لائين ۽ بائيو ميٽرڪ تصديق سان ٿيندي؛ نئين سنڌ لئنڊ رڪارڊز اٿارٽي ٺهي رهِي آهي؛ هن جي رڪارڊ جي NADRA، FBR ۽ GIS سسٽم سان انٽيگريشن ڪئي ويندي؛ هر مالڪ کي ڊجيٽل ڪارڊ ڏنو ويندو جنهن ۾ ڊجيٽل سم هوندي. وزيراعليٰ SMBR کي هدايت ڏني ته قانونسازي لاءِ بل تيار ڪري ڪابينا ۾ پيش ڪري.
ٿر ريل ڪنيڪٽوٽي منصوبو
ڪابينا کي اسلام ڪوٽ–ڇور ريلوي لائين، بن قاسم کان پورٽ قاسم ڊبل ٽريڪ، ۽ ڪوئلي جي ان لوڊنگ فيسليٽي بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن رٿا تي عملدرآمد ۾ دير سبب 37 ارب روپيا ڪاسٽ وڌي وئي آهي. اڳ ۾ هن منصوبي جي لاڳت 53 ارب رپيا هئي جيڪا هاڻي 90 ارب کان مٿي ٿي چڪي آهي. وفاق 18.7 ارب جاري ڪري چڪو آهي، جڏهن ته صوبائي حصي هيٺ مراد علي شاهه فنانس کاتي کي فوري طور 6 ارب 61 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
سنڌ سولر انرجي منصوبي ۾ بي ضابطگيون
ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ورلڊ بئنڪ جي فنڊ ڪيل منصوبي جي باوجود: سولر پارڪ، روف ٽاپ سسٽم ۽ گهريلو سولر ڪِٽس جا مقصد پورا نه ٿيا آهن؛ غلط معاهدا، اڻ مڪمل ڪم جون ادائگيون، نقلي امپورٽ دستاويز؛ اين جي اوز کي بغير مقابلي جي رکڻ؛ مالي نقصان ۽ بدانتظامي جون شڪايتون سامهون آيون آهن. وڏي وزير ان عمل ۾ ملوث ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪرڻ، تفصيلي آڊٽ ۽ انڪوائري جو حڪم ڏنو. ڪابينا کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ سولر رٿا 18.8 ارب رپين جي لاڳت جي آهي، جنهن موجب اڍائي لک غريب خاندانن کي مفت سولر ڪٽس ڏيڻيون هيون. سولر پينل، بيٽري، چارج ڪنٽرولر، پکو، LED بلب، چارجنگ پورٽ؛ ٻه سال جي وارنٽي؛ چونڊ شفاف سسٽم ۽ اليڪٽرانڪ بيلٽنگ ذريعي ڪرڻي هئي؛ موبائل ايپ ذريعي ان جي مانيٽرنگ ڪرڻي هئي.
برائون فيلڊ سائيٽن جي ري ڊولپمينٽ ۽ ڪاربان فنانس
ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ماحوليات کاتي جي مدد سان: پراڻيون صنعتي جايون سولر پارڪ ۽ وِنڊ فارمز ۾ بدلبيون؛ ڊمپنگ گرائونڊز کي بايو گيس ۽ ويسٽ ٽو انرجي ۾؛ نوان ٻيٽ، ويٽ لينڊز، مينگرووز؛ ڄام چڪرو کي جديد لينڊفل سسٽم ۾ اپگريڊ ڪيو ويندو.
ماحولياتي ادارن جي فهرست ۾ تبديليون
سنڌ EPA ۽ سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ٽربيونل کي شيڊول-1 ۾ شامل ڪيو ويو؛
ساحلي ترقي اٿارٽي کي شيڊول-2 ۾ رکيو ويو.
سنڌ مضاربا لاءِ 2 ارب رپين جي منظوري
سنڌ مضاربا ڪمپني جي اثاثن ۽ ڪارڪردگي ۾ مسلسل واڌ آهي، NPL ريشو فقط 1.26 سيڪڙو آهي، ۽ زرعي شعبي سميت ڪيترن سيڪٽرن کي فائنانسنگ ڏئي رهي آهي. ڪابينا 2025–27 دوران 2 ارب رپيا نئين ايڪئٽي فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني.
ايجوڪيشن سٽي لئنڊ الاٽمينٽ رولز
ڪابينا پنج رڪني ڪميٽي جي رپورٽ منظور ڪئي، جنهن موجب حڪومت جا موجوده زمين الاٽمينٽ قاعدا ايجوڪيشن سٽي تي لاڳو ٿيندا.
ساحلي مزاحمتي منصوبي لاءِ ADB ۽ GCF قرض ۽ گرانٽ منظو
ڪابينا 18 ڪروڙ ڊالر جو قرض ۽ گرانٽ منظور ڪئي جنهن ۾ سنڌ حڪومت جو حصو 2 ڪروڙ ڊالر هوندو. منصوبي ۾: پاڻي، ڊرينج، ۽ فلڊ مينيجمينٽ؛ وڏي پيماني تي مين گروز ۽ ٻيا وڻ پوکبا؛ رٿا مڪمل ٿيڻ جي آخري تاريخ: 31 ڊسمبر 2031 مقرر ڪئي وئي.










