رينجرز جي دهشتگردي سميت ٻين ڪارواين بابت رپورٽ جاري

رينجرز جي دهشتگردي سميت ٻين ڪارواين بابت رپورٽ جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ رينجرز 2025 ۾ دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ، اغوا برائے تاوان ۽ ڀتا خوري خلاف 672 آپريشن ڪيا، مختلف آپريشنز دوران 227 هاءِ پروفائل شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو.رينجرز ترجمان موجب، دهشتگردن خلاف 598 آپريشنز ۾ 126 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا، ڀتا خوري خلاف 72 آپريشنز ۾ 90 ڀتا خوري گرفتار ڪيا ويا. اهڙي طرح، اغوا برائے تاوان ۾ 11 اغوا ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويو.ترجمان موجب، رينجرز پوليس سان گڏ 58 گڏيل آپريشنز ۾ 146 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو.ڌاڙن، اسٽريٽ ڪرائم، منشيات جي اسمگلنگ ۽ ڏوهارين خلاف 3,413 آپريشن ڪيا ويا، ڌاڙيلن خلاف 2,155 آپريشنز ۾ 987 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪري پوليس جي حوالي ڪيو ويو.منشيات جي اسمگلنگ خلاف 1258 آپريشنز ۾، 1359 منشيات فروشن کي گرفتار ڪيو ويو، آپريشنز دوران 440 هٿيار ۽ مختلف قسم جا گولا بارود به هٿ ڪيو ويو.ترجمان موجب، اسمگلنگ مخالف ڪارروائين ۾ 1.2 ملين ليٽر ايراني تيل هٿ ڪيو ويو، 31 گاڏيون ضبط ڪيون ويون ۽ 41 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. ضبط ڪيل ايراني تيل جي قيمت 300 ملين رپين کان وڌيڪ آهي.رينجرز ترجمان موجب، اسمگل ٿيل ڪپڙا، ڪنفڪشنري جون شيون، وڏي مقدار ۾ گٽڪو ۽ 147 ٽن کان وڌيڪ سليگ هٿ ڪيو ويو. برآمد ڪيل اسمگل ٿيل شين جي قيمت لڳ ڀڳ 8 ارب رپيا آهي.رينجرز ترجمان موجب، 2025 ۾ غير قانوني واٽر هائيڊرنٽس ۽ پاڻي چوري خلاف 212 آپريشن ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو