ريلي ڪيس، شعيب شاهين جي عبوري ضمانت منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ شعيب شاهين جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.عدالت پي ٽي آءِ جي يوم تاسيس جي موقعي تي شعيب شاهين خلاف داخل ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ شعيب شاهين جي 5 هزار رپين جي مچلڪن عيوض عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.عدالت شعيب شاهين جي ضمانت تي دليلن لاءِ ڌرين کي 7 مئي لاءِ نوٽيس پڻ جاري ڪري ڇڏيا.ٻڌڻي دوران وڪيل سردار مصروف عدالت کي ٻڌايو ته شعيب شاهين خلاف ڪيس سياسي بنيادن تي داخل ڪيو ويو آهي.شعيب شاهين چيو ته اسان خلاف هڪ مهيني ۾ 3، 4 ڪيس داخل ٿي رهيا آهن.جج شعيب شاهين کي چيو ته توهان کي ڪيسن جي ڪري عدالتي تجربو ٿي رهيو آهي،

پهنجو تبصرو موڪليو