روهڙي: ملڪيت معاملي تان وڏو ڀاءُ ننڍي هٿان قتل

روهڙي: ملڪيت معاملي تان وڏو ڀاءُ ننڍي هٿان قتل

روهڙي: (ن س) روهڙي ڀرسان رت جي رشتن کي باھ لڳي وئي ملڪيت جي معاملي تان سڳي ڀاءُ ھٿان ڀاءُ قتل، روهڙي ڀرسان سنگرار ٿاڻي جي حد غلام ڳوٺ ۾ زمين جي معاملي تان ٻن ڀائرن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران وڏي ڀاءُ نيڪ محمد جکراڻي پنهنجي ننڍي ڀاءُ 45 ورهين جي يونس جکراڻي کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، قتل ٿيل محمد يونس پٽ طوطل جکراڻي جي لاش کي تعلقي اسپتال روهڙي پهچايو ويو آهي مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته مقتول جو وڏو ڀاءُ نيڪ محمد پٽ طوطل جکراڻي زمين وڪرو ڪري رهيو هو روڪڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي ننڍي ڀاءُ يونس کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو آهي مقتول نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو وڌيڪ هن معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي آخري اطلاعن تائين جوابدار گرفتار ناهي ٿي سگهيو..

پهنجو تبصرو موڪليو