رونتي آپريشن، 28 ڌاڙيل ماريا ويا، 150 هٿيار ڦٽا ڪيا، لنجار

رونتي آپريشن، 28 ڌاڙيل ماريا ويا، 150 هٿيار ڦٽا ڪيا، لنجار

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: ظهير وسير): سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ لنجار چيو آهي ته رونتي ڪچي ۾ هلندڙ وڏو آپريشن ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ هن وقت تائين 80 سيڪڙو علائقو ڪليئر ڪيو ويو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين دوران 28 خطرناڪ ڌاڙيل مارجي ويا جڏهن ته 81 ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا آهن. گهرو وزير موجب سنڌ حڪومت جي سرينڊر پاليسي تحت هينئر تائين 150 ڌاڙيل هٿيار ڦٽا ڪري چڪا آهن ۽ وڌيڪ سرينڊر ٿيڻ جي اميد آهي. هن ٻڌايو ته هڪ کان ٻن ڪلاڪن اندر وڌيڪ ڌاڙيلن جي سرينڊر ڪرڻ جو اطلاع آهي، جڏهن ته جيڪي هٿيار نه ڦٽا نه ڪندا اهي ماريا ويندا. ضياءُ لنجار چيو ته خطرناڪ ڌاڙيل ثناءُالله شر ۽ راهب شر جي اثر هيٺ ٻه علائقا اڃا تائين حساس آهن، تنهن هوندي به انهن علائقن ۾ به آپريشن پوري شدت سان جاري آهي. هن چيو ته ڪچي جي گهاٽي جهنگ ۾ ڌاڙيلن جي موجودگي سبب ڪارروائي ڏکي آهي، پر پوليس خاص حڪمتِ عملي تيار ڪري ورتي آهي ۽ باقي علائقن ۾ فيصلائتي ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ جي گهرو وزير سخت وارننگ ڏيندي چيو ته ڌاڙيل هٿيار ڦٽا ڪن، نه ته انجام کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته الله جي مهرباني سان ڪچي ۾ ڪامياب آپريشن جاري آهي ۽ پوليس کي وڌيڪ ڪاميابين جي اميد آهي. هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪندي چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو