رونتي ڪچي جو دورو،ڌاڙيلن جي چيلهه ٽٽي چڪي، اوڍو

رونتي ڪچي جو دورو،ڌاڙيلن جي چيلهه ٽٽي چڪي، اوڍو

اوٻاوڙو )رپورٽر غلام علي رند(آئي جي سنڌ جاويد عالم اوڍهو رونتي ڪچي بچاء اسد شاھ دم دمي جو دورو ڪيو ان موقعي تي آئي جي سنڌ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي چیلھ ٽٽي چڪي آهي،تازي آپريشن ۾ انتهائي خطرناڪ ڌاڙيل مارجي چڪا آهن،گھوٽڪي پوليس پنجاب مان 23 مغوي بازياب ڪرايا آهن حڪومت وٽ ڌاڙيلن خلاف واضح پاليسي موجود آهي ڌاڙيل هٿيار ڦٽا ڪن يا مرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن رياست سان ٽڪر کائڻ سولو ناهي، ڌاڙيلن کي ڀوڳڻو پوندو ، ايس ايس پي گهو انور کيتران، ايس ايس پي سکهر اظهر مغل ۽ ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگهرو ۽ ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالقادر سومرو امن امان جي صورتحال بابت آئي جي سنڌ کي بريفنگ ڏني

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو