رهائشي پلازه ۾ شارٽ سرڪٽ سبب باهه، سامان سڙي رک

رهائشي پلازه ۾ شارٽ سرڪٽ سبب باهه، سامان سڙي رک

شهدادپور (ن س )شهدادپور ۾ سوائي روڊ تي حمير فقير ايڇ ايف رھائشي پلازا ۾ پرديپ ڪمار جي فليٽ کي بيٽري جي شارٽ سرڪٽ مان اوچتو باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ پيل لکين رپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو جڏهن ته باھ کي وسائڻ لاء نوجوانن مڙسي ڪري پنھنجي مدد پاڻ تحت بالٽين وسيلي پاڻي کڻي ۽ پيٽرول پمپن تان باھ وسائڻ جا سلينڊر آڻي ٽن ڪلاڪن بعد باھ تي ضابطو آڻي ورتو ۽ وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو جڏھن تہ فائربرگيڊ عملي کي باھ جو فوري اطلاع ڏنو ويو ھو جيڪا 15 منٽن ۾ پھچڻ واري فائربرگيڊ گاڏي ٽن ڪلاڪن بعد پھتي، ايڇ ايف پلازہ ۾ ٽئين منزل تي پرديپ ڪمار جي فليٽ۾ باھ لڳڻ سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو ھو شروعاتي معلومات موجب باهه بيٽري جي شارٽ سرڪٽ سبب لڳي.پلازا ۾ رهندڙن جو چوڻ آهي ته باھ لڳڻ جي واقعي جو اطلاع فوري طور تي فائر برگيڊ عملي کي ڏنو ويو، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته فائر برگيڊ جا عملدار ۽ فائربرگيڊ گاڏي تقريباً ٽن ڪلاڪن کان پوءِ پهتا، جنهن جي ڪري باهه سبب قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو.آھي باهه لڳڻ کانپوءِ، علائقي جي ماڻهن خاص طور نوجوانن مڙسي ڪري پنھنجي مدد پاڻ تحت پاڻي جون بالٽيون ڀري ۽ باھ وسائڻ وارا گئس سلينڊر پيٽرول پمپن تان آڻي باھ وسائي باھ تي ضابطو آندوجڏھن تہ سڀ کان پهريان انساني جانين کي پلازہ مان ڪڍي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو ھو ، جنهن ڪري وڏي جاني نقصان کان بچاء ٿي ويو.ايڇ ايف پلازا ۾ اڪثر هندو برادري جا ماڻهو رھندڙ ھئا هندو برادري جي اڳواڻن واقعي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شهدادپور شهر ۾ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ باهه وسائڻ جا مناسب انتظام نه آهن، جيڪو هڪ سنگين مسئلو آهي.ھنن شڪايت ڪئي ته ايتري وڏي حادثي جي باوجود، نه ته ضلعي انتظاميا جو ڪو به نمائندو موقعي تي پهتو ۽ نه ئي ڪنهن سياسي اڳواڻ متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪيو.پلازا جي رهواسين جو چوڻ آهي ته هنن ايڇ ايف پلازہ جي بلڊر کي بار بار درخواست ڪئي ته پلازا ۾ ڪو به حفاظتي گيٽ ناهي، جيڪڏهن ڪو حادثو ٿئي ٿو ته اهي ڪيئن بچندا؟ هنن چيو ته پلازا جي مالڪ خلاف انتظاميه وٽ شڪايت درج ڪرائي آهي.جڏھن تہ شھرين مطالبو ڪيو آهي ته شهدادپور ۾ غير فعال فائر برگيڊ سسٽم کي فوري طور تي فعال ڪري بھتر ڪيو وڃي ۽ جديد سهولتن سان ليس ڪيو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن بدقسمت واقعن کان بچي سگهجي. ٻئي طرف پلازہ کي باھ لڳڻ سبب لکين رپين جو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو ھو. هوڏانهن اڳوڻي ايم پي اي فقير محمد بخش خاصخيلي.فقير محسن علي وساڻ ۽ ٻين متاثرن وٽ پهچي ھمدردي جو اظهار ڪيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو