ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي گلشن اقبال بلاڪ 2 ۾ هڪ رهائشي عمارت جي فليٽ ۾ گئس ليڪ ٿيڻ سبب ڌماڪو ٿيو آهي.پوليس موجب ڌماڪي کان پوءِ عمارت جي پهرين منزل تي فليٽ ۾ باهه لڳي وئي.پوليس چيو ته واقعي ۾ هڪ عورت ۽ ٻارن سميت ڇهه ماڻهو زخمي ٿيا آهن ۽ انهن کي سول برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو آهي.










