ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ پاران رمضان جي مهيني دوران اسڪولن جي ڪم جي ڪلاڪن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب سنگل شفٽ اسڪولن جا ڪم جا ڪلاڪ صبح 8 وڳي کان منجهند 12:30 وڳي تائين هوندا، جڏهن ته جمعي ڏينهن سنگل شفٽ اسڪولن جا ڪم جا ڪلاڪ صبح 8 وڳي کان 11:30 وڳي تائين هوندا.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڊبل شفٽ اسڪولن ۾ صبح جي شفٽ صبح 7:30 وڳي کان 11:30 وڳي تائين هوندي ۽ جمعي ڏينهن صبح جي شفٽ صبح 7:30 وڳي کان 10:30 وڳي تائين هوندي.اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڊبل شفٽ اسڪولن ۾ منجهند جي شفٽ صبح 11:45 وڳي کان منجهند 2:45 وڳي تائين هوندي، جڏهن ته جمعي ڏينهن منجهند جي شفٽ صبح 11:45 وڳي کان منجهند 1:15 وڳي تائين هوندي.










