شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) رستم ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جو وڏو آپريشن، شاديءَ جي قافلي تي فائرنگ ۾ ملوث مبينا ڌاڙيل انجام تي پهچي ويا، ڪارروائي دوران چار ڌاڙيل مارجي ويا جڏهن ته 22 ڄڻا زخمي ٿيا/ شڪارپور پوليس۔تفصيل موجب، ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ جي اڳواڻيءَ ۾ رستم ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف سخت ۽ ڀرپور پوليس ڪارروائي گذريل ڏينهن کان جاري هئي، جنهن دوران شاديءَ جي قافلي تي فائرنگ ڪري دولهي سميت ٽن بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪندڙ مبينا جوابدارن کي سندن منطقي انجام تائين پهچايو ويو۔ ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ ٻڌايو ته ٿاڻي رستم ڪچي جي حدن ۾ ڳوٺ عالم سعدخاناني ڀرسان ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، جتي پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ سخت فائرنگ جو مقابلو ٿيو۔ ڪارروائي دوران چار ڌاڙيل مارجي ويا جڏهن ته 22 ڄڻا زخمي ٿيا۔ مارجي ويل ٽن ڌاڙيلن جا لاش خانپور اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته چوٿين ڌاڙيل جي لاءِ ڳولا اڃا تائين جاري آهي۔ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته مارجي ويل ڌاڙيل گھوٽ، سندس ننڍي ڀاءُ ۽ ڊرائيور جي بي رحماڻي قتل ۾ سڌي ريت ملوث هئا۔ شروعاتي جاچ موجب اهي ڌاڙيل ڦر، چوري، قتل ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ پڻ گهربل ۽ ملوث رهيا هئا۔ مارجي ويل ڌاڙيلن ۾ اربيلو، مهربان، عبدالمالڪ ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته سندن واسطو جتوئي قبيلي سان ٻڌايو وڃي ٿو شاهزيب چاچڙ جو چوڻ هو ته ڪچي واري علائقي کي مڪمل گهيري ۾ آندو ويو آهي ۽ ٻين ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳولا ۽ ڇنڊڇاڻ جي ڪارروائي بنا رڪاوٽ جاري رهندي۔ هن واضع ڪيو ته قبيلائي تڪرارن جي آڙ ۾ رت وهائڻ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، هٿيار کڻندڙن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي۔ شڪارپور ۾ امن امان قائم رکڻ پوليس جي اولين ترجيح آهي ۽ ڌاڙيلن جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو۔ ٻئي طرف سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ ۽ سندس پوري پوليس ٽيم کي ڪامياب ۽ بهادرانه ڪارروائي تي شاباس ڏني آهي۔ گهرو وزير چيو ته دولهي سميت ٽن بيگناهه ماڻهن جي بي رحماڻي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ پوليس جي ساراهه جوڳو ڪارنامو آهي۔ هن چيو ته ايس ايس پي شڪارپور ۽ سندس ٽيم بروقت ۽ دليرانه ڪارروائي ڪري قانون جي بالادستي ثابت ڪئي آهي۔ گهرو وزير وڌيڪ چيو ته ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف لاڳيتو ڪارروائي سنڌ پوليس جي عزم، پيشورانه صلاحيتن ۽ زيرو برداشت واري پاليسي جو چٽو ثبوت آهي۔ امن دشمن عنصرن خلاف سخت ڪارروائيون جاري رهنديون ۽ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو۔










