رحيم يار خان: (ويب ڊيسڪ) رحيم يار خان ۾ ٽرالي سان ٽڪرائجڻ سبب ٻه موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويا.ايل پي روڊ تي فاطمه چوڪ ويجهو هڪ تيز رفتار ڪمند جي ٽرالي موٽرسائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو. حادثي جي اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ امدادي ٽيمن جي وڏي نفري به موقعي تي پهچي وئي. فوت ٿيل نوجوانن جي سڃاڻپ ارشد ۽ عبدالغفار جي نالي سان ٿي آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو وڃي ۽ ضروري ڪارروائي کان پوءِ وارثن جي حوالي ڪيو وڃي. ٽرالي کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي ۽ ڊرائيور خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.










