اسلام آباد(بيورو رپورٽ) راول ڊيم ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ کان پوءِ اسپل ويز کوليا ويا، انتظاميا موجب، راول ڊيم ۾ پاڻي جي سطح خطري جي نشان جي ويجهو پهچڻ تي سائرن وڄايا ويا، انتظاميا چيو ته راول ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1749 فوٽ تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته ڊيم ۾ پاڻي جي سطح جي حد 1752 فوٽ آهي.انتظاميا اهو به چيو ته راول ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1746 فوٽ برقرار رهندي.ان کان علاوه، راول ڊيم جي ويجهو علائقن جي رهواسين کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ عوام کي ڊيم کان پري رهڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.










