آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دهشتگرد ملڪي ترقي کي نٿا روڪي سگهن

آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دهشتگرد ملڪي ترقي کي نٿا روڪي سگهن

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو آهي ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دهشتگرد بلوچستان ۽ پاڪستان جي گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جو رستو نٿا روڪي سگهن.ڊي جي آءِ ايس پي آر ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽي جو دورو ڪيو جتي انتظاميه ۽ شاگردن سندس پرجوش استقبال ڪيو. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف آپريشن بنيان مرصوص ۾ پاڪ فوج جي حڪمت عملي ۽ ڪاميابي تي روشني وڌي.پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته بلوچ عوام پاڪستان سان تاريخ، مذهب، ثقافت ۽ روايت جي رشتن سان جڙيل آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته معرڪه حق ۾ فتح عوام جي حمايت خاص طور تي نوجوانن جو ڪردار اهم رهيو. ڪشمير پاڪستان جو اهم حصو هو، آهي ۽ رهندو.شاگردن ۽ شاگردياڻين آپريشن بنيان مرصوص جي تاريخي فتح تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو. جڏهن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين، فيڪلٽي ميمبرن وڌيڪ اهڙي انٽرايڪٽيو سيشنز منعقد ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو