اسلام آباد (بيورو رپورٽ)دنيا ڀر جا ڪشميري اڄ ڪشمير جي شهيدن جو ڏينهن ملهائي رهيا آهن. دنيا ڀر جا ڪشميري اڄ ڪشمير جي شهيدن جو ڏينهن ملهائي رهيا آهن ته جيئن 13 جولاءِ 1931 تي شهيد ٿيندڙ 22 شهيدن کي ياد ڪري ۽ انهن کي خراج تحسين پيش ڪري سگهجي. ان موقعي تي پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪشميري اڄ جيڪا جدوجهد جاري رکي رهيا آهن اها انهن 22 شهيدن جي قربانين جو تسلسل آهي. پاڪستان ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي همت، ثابت قدمي ۽ قربانين کي سلام پيش ڪري ٿو.ان دوران وزيراعظم شهباز شريف ڪشمير جي شهيدن جي ڏينهن تي چيو ته هي ڏينهن اسان کي ڪشمير جي مسلمانن جي ثابت قدمي، مزاحمت ۽ غير متزلزل عزم جي ياد ڏياري ٿو. پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن کي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد فراهم ڪندو رهندو.










