اميد ته نئون سال قومي سالميت ۽ هم آهنگي جي خوشخبري آڻيندو

اميد ته نئون سال قومي سالميت ۽ هم آهنگي جي خوشخبري آڻيندو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو دعا ڪري ٿو ته نئين سال جو سج خوشي، خوشحالي ۽ الله جي فضل ۽ رحمت بڻجي اڀري، وزيراعظم شهباز شريف نئين سال جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سڀني وطن وارن کي نئين سال جي مبارڪباد ڏيان ٿو. الله پاڪ نئين سال جي هر ڏينهن قومي سالميت ۽ قومي هم آهنگي جي خوشخبري ڏئي، 2025 کي وطن جي دفاع جي حوالي سان تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو، محمد شهباز شريف چيو ته هٿياربند فوجن دشمن جي ارادن کي ناڪام بڻائي انصاف جي جنگ ۾ تاريخ رقم ڪئي، پاڪستان جي بازن فضائي حدن جو ناقابل تسخير دفاع ڪيو. قوم، هٿياربند فوجن سان گڏ، هميشه ملڪ جي دفاع ۾ سيسي جي ڀت ثابت ٿيندي،وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هو دهشتگرد حملن ۾ مادر وطن لاءِ پنهنجي جانين جي قرباني ڏيندڙن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. حڪومت ملڪ جي معاشي خوشحالي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. تازين معاشي اشارن ۾ بهتري حڪومت جي صحيح ۽ مثبت رخ جي عڪاسي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو