دريا خان مري (رپورٽ عبدالرحمن راجپوت)دريا خان مري ٿاڻي جي حد دريا خان مري منگيا ناڪو ريلوي ڦاٽڪ قلندر قالياڻي قبرستان وٽ پيرسن عطا محمد شيخ جو تشدد ٿيل لاش ھٿ نامعلوم ماڻھن ڳچي ۽ پيرن ۾ رسا ٻڌي پيرسن تي تشدد ڪري پيرسن کي ريلوي ٽريڪ تي ڇڏي ويا اپ ريلوي ٽريڪ تي ريل گاڏي اچڻ سبب رسن سان ٻڌل ڳوٺ حاجي موريو واسي پيرسن عطا محمد شيخ جو ڌڙ ٻه اڌ ٿي ويو دريا خان مري پوليس ۽ ريلوي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي پيرسن جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري آندو ويو جتي ڊاڪٽر نه ھجڻ ڪري پيرسن جو لاش ايمبولينس ذريعي سول اسپتال نوشھروفيروز نيو ويو پيرسن جي پٽ امجد شيخ ٻڌايو ته منھنجو پيء مال جو واپار ڪندو ھيو جيڪو اھو چئي گھران نڪري ويو ته چوپائي مال جو حساب ڪتاب ڪرڻ وڃان ٿو صبح اطلاع مليو ته اوھان جي پيء جو لاش ريلوي ٽريڪ تان ھٿ آيو آهي










