دادو ۾ پوليس تي فائرنگ، اهلڪار زخمي

دادو ۾ پوليس تي فائرنگ، اهلڪار زخمي

دادو(رپورٽر)دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ايريگيشن ڪالوني ۾ پوليس تي فائرنگ، اي ايس آءِ ۽ هڪ پوليس اهلڪار گولين لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا پوليس جي وڌيڪ نفري طلب، زخمين ۾ اي ايس آء شمس الدين قريشي، ۽ پوليس اهلڪار شفيق لنڊ شامل آهن پوليس پاران زخمي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ذريعن موجب پوليس پارٽي ايس ايڇ او اي سيڪش قربان قمبراڻي جي اڳواڻي ۾ چيڪنگ تي بيٺل هئي ته سندن مٿان فئرنگ ٿي آهي ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب اي ايس آء کي ساڄي ڄنگھ ۾ برسٽ لڳل آهي جڏهن ته پوليس اهلڪار کي پڻ ساڄي ڄنگھ ۾ گولي لڳل آهي پوليس موجب ايس ايڇ او اي سيڪشن سي آءِ اي ۽ پوليس نفري فائرنگ ڪندڙ هٿياربندن جي گرفتاري لاءِ روانو ٿي چڪا آهن

پهنجو تبصرو موڪليو