دادو،11 هزار جي لائين ۾ وچڙڻ سبب چاچو ۽ ڀائٽيو فوت،3 زخمي

دادو،11 هزار جي لائين ۾ وچڙڻ سبب چاچو ۽ ڀائٽيو فوت،3 زخمي

دادو(ن س)ڪڪڙ ڀرسان ٻورڙي شهر ۾ واپڊا جي مبينا لاپرواهي سبب دل ڏاريندڙ سانحو پيش آيو آهي ، جتي گهرن مٿان گذرندڙ 11 هزار وولٽيج جي لڙڪيل بجلي تارن ۾ ڪرنٽ لڳڻ ڪري چاچو ۽ ڀائٽيو سڙي فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 عورتن سميت 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن ، حادثي ۾ سڙي فوت ٿيلن جي سڃاڻپ 10 سالا شاهزيب ولد شهزاد جوڻيجو ۽ سندس چاچو 25 سالا محمد اسلم ولد آندل جوڻيجو طور ٿي آهي ، جڏهن ته زخمين ۾ فوجي اهلڪار رحمان جوڻيجو سميت ٻه عورتون شامل آهن ، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ فوري طور تعلقا اسپتال منتقل ڪيو ويو ، مقامي رهواسين موجب ٻورڙي شهر ۾ 50 کان وڌيڪ گهرن مٿان 11 هزار وولٽيج جون تارون انتهائي خطرناڪ نموني لڙڪيل آهن ، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته هو ڪافي عرصي کان واپڊا عملدارن کي بار بار درخواستون ۽ دانهن ڏيندا رهيا ، پر انتظاميا مڪمل طور نظرانداز ڪندي رهي ، جنهن جو نتيجو اڄ انساني جانيون ضايع ٿيڻ جي صورت ۾ نڪتو ، واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سوڳ جي فضا ڇانيل آهي ، جڏهن ته متاثر خاندانن ۾ ڪهرام مچي ويو آهي ، ڳوٺاڻن ۽ علائقي جي ماڻهن واپڊا جي نااهلي خلاف سخت احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته ذميوار عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ، گهرن مٿان گذرندڙ خطرناڪ بجلي تارون فوري طور هٽايون وڃن ۽ متاثر خاندانن کي انصاف ۽ مالي مدد فراهم ڪئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو