خيرپور: (ن س ) خيرپور ۾ هڪ مبينا پوليس مقابلي ۾ ٻه ڌاڙيل مارجي ويا جڏهن ته انهن جا ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.راڻي پور پوليس اسٽيشن جي پوليس اهلڪارن جو سوڀوديرو لنڪ روڊ تي ڌاڙيلن سان مقابلو ٿيو. ٻن ڌاڙيلن کي نازڪ حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. بعد ۾ اهي اسپتال وٺي ويندي رستي ۾ فوت ٿي ويا. مارجي ويل ڌاڙيلن وٽان نقدي ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا.پوليس ترجمان چيو ته راڻي پور پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او کي اطلاع مليو ته نامعلوم جوابدار سوڀوديرو لنڪ روڊ تي ڌاڙيلن شريف شاهاڻي ۽ نفيس شاهاڻي سان گڏ ڪنهن ڏوهه جي ارادي سان بيٺا آهن. جڏهن پوليس موقعي تي پهتي ته ڌاڙيلن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي.ايس ايس پي خيرپور چيو ته مارجي ويل ڌاڙيلن جي سڃاڻپ عاقب اشرف ۽ علي اشرف گادي جي نالي سان ڪئي وئي آهي، جيڪي گوجرانوالا ضلعي جي ڪمونڪي جا رهواسي آهن. اهي ڌاڙيل بدنام ڌاڙيل شريف شاهاڻي ۽ نفيس شاهاڻي سان گڏ هئا، جن ڪجهه ڏينهن اڳ راڻي پور پوليس اسٽيشن جي سيدداد ڪلهوڙي جي گهر مان لکين رپيا نقد ۽ زيور ڦريا هئا.ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته مارجي ويل ڌاڙيلن جو خيرپور سميت ٻين ضلعن مان ڪرمنل رڪارڊ معلوم ڪيو پيو وڃي. فرار ٿيل ڌاڙيلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.










