خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط جي معاملي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي.ذريعن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي هاءِ ڪورٽ جي سمورن ججن کان تجويزون طلب ڪري ورتيون آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي آفيس سومر تائين سمورن ججن کان تجويزون طلب ڪري ورتيون آهن.ذريعن موجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ايسٽ ۽ ويسٽ اسلام آباد کان به تجويزون طلب ڪيون ويون آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڪاپي به ججن کي موڪلي وئي آهي، ججن جي تجويزن کانپوءِ فل ڪورٽ سڏائڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو