خطي ۾ ڇڪتاڻ، اڄ به پاڪستان کان 155 اڏامون رد

خطي ۾ ڇڪتاڻ، اڄ به پاڪستان کان 155 اڏامون رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خطي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال جي ڪري اڄ پاڪستان کان وچ اوڀر ڏانهن 155 اڏامون رد ڪيون ويون.ڪراچي کان 38، لاهور کان 32، اسلام آباد کان 36 اڏامون رد ڪيون ويون. پشاور کان 16، سيالڪوٽ کان 13، فيصل آباد کان 8، ملتان کان 10، ڪوئيٽا کان 2 اڏامون رد ڪيون ويون. 4 ڏينهن ۾ پاڪستان جون وچ اوڀر ڏانهن رد ڪيل اڏامون 600 کان وڌي ويون.4 ڏينهن ۾ وچ اوڀر ڏانهن 16 هزار کان وڌيڪ اڏامون رد ڪيون ويون.هوائي حدن جي مسلسل بندش جي ڪري ايراني هوائي اڏن کان 1000 اڏامون رد ڪيون ويون.وچ اوڀر جي 7 وڏن هوائي اڏن کان 10 هزار اڏامون رد ڪيون ويون آهن. 4 ڏينهن ۾ اسرائيل جي تل ابيب هوائي اڏي کان 1600 اڏامون رد ڪيون ويون.اردن کان 828 پروازون، بيروت ۽ حيفا هوائي اڏن کان 500، جڏهن ته دمشق، نجف، بصره ۽ ٻين هوائي اڏن کان 875 اڏامون رد ڪيون ويون.8 ملڪن جون هوائي حدون ۽ فلائيٽ آپريشن اڄ به بند آهن. دبئي، ابو ظهبي، شارجه، دوحا، ڪويت، بحرين ايئرپورٽ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. ابو ظهبي ۽ دبئي ايئرپورٽن تي ڦاٿل مسافرن کي 34 اڏامن ذريعي منتقل ڪيو ويو. بيان موجب، اتحاد ايئر اڄ منجهند 2 وڳي تائين 24 پروازن کان پوءِ فلائيٽ آپريشن معطل ڪري ڇڏيو.امارات پڻ دبئي کان 16 پروازون موڪليون، جن مان ڪجهه واپس آيون. هر پرواز ۾ سراسري طور 160 مسافرن سان، 2.6 ملين مسافر متاثر ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو