اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي رياستي ادارن ۽ ان جي آفيشلز خلاف بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو. احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا فيئر ٽرائل بابت پي ٽي آءِ باني جي درخواست تي وڏو حڪم جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ عدالت ٽرائيل دوران عدالت جي ڪمري ۾ رياستي ادارن ۽ ان جي آفيشلز جي خلاف بيان بازي کان روڪي ڇڏيو.جاري ڪيل حڪم نامي موجب الزام آهي ته پي ٽي آءِ باني رياستي ادارن جي عزت جوڳين شخصيتن جي خلاف سياسي، چڙ ڏياريندڙ بيان ڏنا جڏهن ته عدليه، پاڪ آرمي ۽ آرمي چيف جي حوالي سان به بيان عدالتي ڪم ۾ رنڊڪ وجهڻ جي برابر آهن. اهڙا بيان انصاف جي فراهمي واري عمل ۾ به رنڊڪ جو سبب بڻجندا آهن. فيئر ٽرائيل جي گهرجن جو خيال رکڻ عدالت جي ذميواري آهي.عدالت حڪم ڏنو ته جيل اختياريون جيل عدالت کي عيد کان اڳ جي پوزيشن تي بحال ڪري، جڏهن ته رياستي ادارا ۽ ان جي آفيشلز جي حوالي سان سياسي جوابدار، چڙ ڏيارڻ ۽ تڪراري بيان نه ڏيندا. ميڊيا پنهنجي رپورٽنگ کي عدالتي پروسيڊنگ جي حد تائين محدود رکندو ۽ ٽرائيل عدالتي ڪارروائي دوران جوابدارن جا بيان ميڊيا رپورٽ نه ڪندو.حڪم نامي ۾ لکيل آهي ته پراسيڪيوشن، جوابدار ۽ ان جا وڪيل ٻڌڻي دوران چڙ ڏياريندڙ سياسي ۽ تڪراري بيان نه ڏيندا جيڪو عدالتي ڪارروائي کي مجروح ڪري، فيملي ميمبرز ۽ ٻيا وڪيل صلاحڪار جيڪي ڪورٽ ۾ موجود هوندا آهن اهي به اهڙو بيان نه ڏيندا. عدالت حڪم ڏنو ته ميڊيا، سياسي، چڙ ڏياريندڙ بيان جيڪي رياستي ادارن ۽ ان جي آفيشلز کي ٽارگيٽ ڪندا هجن. اهي پبلش ڪرڻ کان پاسو ڪن، اهي آرڊر پيمرا گائيڊ لائين سان گڏ مشروط آهي جنهن جي تحت التوا هيٺ ڪيسز تي ڳالهيون ڪرڻ تي پابندي آهي ۽ پيمرا ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ موجب جوابدار جو سياسي بيان ليگل رپورٽنگ ۾ نٿو اچي.
سرگوڌا توهين مذهب ڪيس ۾ دهشتگرديءَ جاقلم شامل، 500 ڄڻا نامزد
مفرور جوابدارن جون موبائل فون سمون بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو
ڪراچي ۾ اڄ پارو 38 ۽ شدت 42 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان
جيڪب آباد ۾ جيل جا 2 قيدي روشن دان ٽوڙي فرار
سعودي ولي عهد ايران جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي
اداڪار طلعت حسين لاڏاڻو ڪري ويو،وزيراعظم ۽ ٻين پاران ڏک جو اظهار
فخر ۽ مان ڪجهه وڌيڪ اوور کيڏيون ها ته نتيجو مختلف هجي ها: بابر
ڇا سائنس مذھب جي مخالف آھي؟
سنڌيار ڪراچي 26 مئي 2024
سنڌيار سکر 26 مئي 2024
’ايس آءِ ايف سي جي ڪاميابين، تنقيد ڪندڙن جو وات بند ڪيو آهي‘
دنيا ۾ 3 ڪروڙ ٻار تماڪو استعمال ڪن ٿا، ڊبليو ايڇ او
ڪي اليڪٽرڪ جون پاليسيون سمجهه کان ٻاهر آهن
هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0.34 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ
ورلڊڪپ ۾ پهريون ڀيرو 3 پاڪستاني امپائرنگ ڪندا
گرمي جي لهر جاري، دادو ۽ موهن جو دڙو ۾ پد 50 ڊگري
گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرا، روڊ بلاڪ
پيءُ ڌيءَ کي قتل ڪري پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو
گوجر خان ۽ نارووال ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب 5 ڄڻا فوت
سولجر بازار ۾ گهر اندر سلينڊر ڌماڪو، 8 ڄڻا سڙي زخمي