خاتون اول سان يو اي اي جي قونصلر جنرل جي ملاقات

خاتون اول سان يو اي اي جي قونصلر جنرل جي ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان ڪراچي ۾ گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل عتيق الريميثي بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب هن خاتون اول کي 2 ڊسمبر تي گڏيل عرب امارات جي قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ باضابطا دعوت ڏني. خاتون اول دعوت تي قونصل جنرل جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن خاص طور تي عورتن کي بااختيار بڻائڻ، تعليم، صحت جي سارسنڀال ۽ ٻارن جي حقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب پڻ موجود هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو