حڪومتي ڪرپشن ۽ نااھلي سنڌ کي پٿر جي دور طرف ڌڪي ڇڏيو

حڪومتي ڪرپشن ۽ نااھلي سنڌ کي پٿر جي دور طرف ڌڪي ڇڏيو

لاڙڪاڻو/ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته حڪومتي ڪرپشن ۽ نااھلي سنڌ کي پٿر جي دور طرف ڌڪي ڇڏيو آھي. مراد علي شاھ جي قيادت ۾ 18سالن کان سنڌ ۾ قائم پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت عوام کي زندگي جي بنيادي ضرورتن صاف پاڻي تعليم ۽ صحت جي سهولتن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.غربت جي سطح گذريل 11 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ وڌي وئي آهي ۽ هاڻي اها 45 سيڪڙُو تائين پهچي وئي آهي، پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 70 ملين ماڻهو، يعني تقريباً ست ڪروڙ ماڻهو، غربت جي ليڪي کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبورآهن. سڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي جاري ڪيل فهرست موجب 123 غير ملڪي ڪمپنيون پاڪستان ڇڏڻ جو فيصلو ڪري چڪيون آهن. اهي انگ اکر موجوده نام نهاد جعلي حڪمرانن جي ان ڪوڙي دعويٰ کي مڪمل طور تي وائکو ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ ” ملڪ ۾ سيڙپ ڪاري جي مينهن وسڻ“ جون دعوائون ڪيون پئي ويون. حقيقت اها آهي ته هن وقت پاڪستان ۾ ڪاروباري ماحول ايترو غير يقيني ۽ جابراڻو بڻايو ويو آهي جو عالمي سيڙپڪار سرڪاري نظام تي اعتماد وڃائي ويٺا آهن ۽ ملڪ ۾ موجود وڏيون وڏيون ڪمپنيون پنهنجو سرمايو تيزي سان ملڪ کان ٻاهر منتقل ڪري رهيا آهن. ملڪ ۾ قانون جي بالادستي جو فقدان، پاليسين ۾ تسلسل جي کوٽ، سياسي انتقام، عدالتي ۽ انتظامي دٻاءُ ۽ معاشي غير يقينيءَ واري ماحول سيڙپڪارن لاءِ ڪاروبار ڪرڻ کي ناقابل برداشت بڻائي ڇڏيو آهي. هي صرف 123 ڪمپنين جو ملڪ ڇڏي وڃڻ ناهي، پر اهو سرڪاري نظام تي عدم اعتماد جو هڪ ريفرنڊم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي ۾ الخدمت فائونڊيشن طرفان مستحق گھراڻن ۾ رمضان راشن تقسيم لاء قائم فوڊ حب جو افتتاح ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي قائم مقام امير ضلع قاري ابوزبير جکرو، صدر الخدمت حافظ محمد يعقوب منگي، جنرل سيڪريٽري جمشيد شيخ، علي گل چانڊيو، امان الله سيال سميت ٻيا مقامي اڳواڻپڻ موجود هئا. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ هڪ پاسي مهانگائي عروج تي پهتل آهي، سرڪاري ادارن کي خساري جو سبب ڄاڻائي ڀڳڙن مُٺ عيوض وڪرو ڪيو پيو وڃي ته ٻي طرف وري حڪمرانن جون عياشيون جاري آهن، پنجاب جي وزيراعلى مريم نواز پاران 11 ارب رپين عيوض لگزري جهاز خريد ڪرڻ ان جو تازو مثال آهي، پي آء جهڙي اداري کي فقط 11 ارب رپين ۾ کپايو ويو جڏهن ته پنهنجي ذاتي سير تفريح لاء يارنهن ارب رپين جو جهاز وٺي سرڪاري خزاني تي ڌاڙو هنيو ويو جڏهن ته پنجاب ۾ غربت سڀ کان وڌيڪ آهي. ملڪ ۾ موجود سياسي، معاشي عدالتي بحران واري موقعي تي عوام کي اهڙي حڪومت جي ضرورت آهي جيڪا ماڻهن سان جڙيل هجي ۽ سندن جائز مسئلا حل ڪري سگهي، پر بدقسمتي سان طاقتور ادارن پاران ملڪ مٿان هڪ غير نمائنده، غير آئيني ۽ غير قانوني حڪومت مڙهي وئي، جنهن جو عوام سان ڪو تعلق نه آهي،هن چيو ته اهو بحران ڊيل ڪرڻ لاءِ مضبوط انتظامي حڪمت عملي، واضح پاليسيون ۽ سياسي استحڪام جي ضرورت آهي. ھن الخدمت جي رضاڪارن جي خدمت انسانيت واري جذبي جي واکاڻ ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو