حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد پريس ڪلب جي سال 2026ع جون چونڊون، جنيد خانزاده صدر، اشوڪ شرما جنرل سيڪريٽري ۽ خزانچي اڪرم شاھد چونڊجي ويا. تفصيل موجب حيدرآباد پريس ڪلب جي سال 2026ع جي چونڊون ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ٿيون. جنھن ۾ جنيد خانزاده 82 ووٽ کڻي صدر، جئي پرڪاش موراڻي 81 ووٽ کڻي نائب صدر، اشوڪ شرما 81 ووٽ کڻي جنرل سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري تي فھيم ٻٻر 78 ووٽ ۽ اڪرم شاھد 80 ووٽ کڻي خزانچي جي عھدن تي ڪامياب ٿي ويا. جڏھن ته ميمبر گورننگ باڊي جي 9 عھدن تي لالا رحمان سمون 87 ووٽ، خالد کوکر 88 ووٽ، علي حسن 81 ووٽ، اقبال ملاح 82 ووٽ، حسين خان 84 ووٽ، حميد الرحمان 82 ووٽ، جاويد چراخ 77 ووٽ، سھيل انصاري 80 ووٽ ۽ ظفر ھڪڙو 84 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويا. جڏھن ته ايسوسيئيٽ جي سيٽ تي راجه انور چانڊيو بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو. اليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين مرتضي سيال، اي ڊي ملاح ۽ محمد احمد جعفري پاران جاري ڪيل حتمي نتيجن مطابق ھارائيندڙ مخالف اميدوارن ۾ صدي جي عھدي تي عرفان آرائين 16 ووٽ، نائب صدر جي عھدي تي ناصر شيخ 19 ووٽ، جنرل سيڪريٽري تي عمران پاٽولي 19 ووٽ، جوائنٽ سيڪريٽري تي آفتاب رند 20 ووٽ ۽ خزانچي تي امجد اسلام 18 ووٽ ۽ ميمبر گورننگ باڊي تي جاويد نثار چنا 23 ووٽ کڻي ھارائي ويا










