حيدرآباد (رپورٽر) ھٽڙي پوليس ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، پوليس ترجمان موجب حيدرآباد جي علائقي مال پڙي ھٽڙي لنڪ روڊ ڀرسان ھٽڙي پوليس ۽ ٽن ڏوھارين وچ ۾ فائرنگ ٿي جنھن جي نتيجي ۾ ٻه ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا جڏھن ته ھڪ ڏوھاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو،پوليس باءِ پاس ڀرسان گشت ڪري رھي ھئي ته موٽر سائيڪل تي سوار ٽن اڻڄاتل ماڻھن کي روڪيو ويو ته اڻڄاتل جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٻه ڏوھاري مظھر علي ۽ ممتاز عرف مشتاق مستوئي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا، جڏھن ته انھن جو ٽيون اڻڄاتل ساٿي موٽرسائيڪل تي فرار ٿي ويو،زخمي ڏوھارين جي قبضي مان ٻه غير قانوني پسٽل گولين سان گڏ ھٿ ڪيا ويا آھن، ٻنھي زخمي جوابدارن کي علاج لاء سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي، فرار ٿي ويل ڏوھاري لاء پوليس ٽيم مختلف جڳھن تي ڇاپا ھڻي رھي آھي، جوابدارن خلاف ھٽڙي ٿاڻي تي الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آھن.پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته آھي ته گرفتار جوابدار مشتاق تي پھرين به حيدرآباد جي پنج مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل آھن ۽ پيٽرول پمپ جي ڦرن ۾ پڻ ملوث آھي.










