حيدرآباد: (ن س) هالي روڊ پوليس اسٽيشن جي حد ۾ ٻن گروپن ۾ جهيڙو ٿيو جنهن ۾ هٿيارن جو آزادانه استعمال ڪيو ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جهيڙي ۾ 3 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. زخمين کي طبي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. فائرنگ ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.هالي روڊ پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته ٻنهي گروپن ۾ پراڻو تڪرار هو، جنهن جي ڪري ٻيهر جهيڙو ٿيو. واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










