حيدرآباد: (ن س) حيدرآباد، سنڌ ۾ هڪ 5 سالن جي ڇوڪري کليل نالي ۾ ڪرڻ سبب فوت ٿي وئي.هي افسوسناڪ واقعو هالا ناڪا، بائي پاس ٽائون ۾ پيش آيو. 5 سالن جي ڇوڪري مريم کليل نالي ۾ ڪري پئي ۽ کيس سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسپتال جي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي.ياد رهي ته حيدرآباد ۾ هن مهيني کليل نالي ۾ ٻارن جي ٻڏڻ جو هي ٻيو واقعو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ لطيف آباد جي مهر علي ڪالوني ۾ هڪ 3 سالن جي ڇوڪري تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي هئي.










