حيدرآباد: نالي ۾ ڪرندڙ نينگري علاج دوران فوت

حيدرآباد: نالي ۾ ڪرندڙ نينگري علاج دوران فوت

حيدرآباد: (ن س) مهر علي ڪالوني ۾ نالي ۾ ڪرندڙ 3 سالن جي ڇوڪري اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي وئي، ريسڪيو عملدارن موجب ڇوڪري نالي ۾ ڪرڻ کان پوءِ مقامي ماڻهن پنهنجي مدد سان کيس نالي مان ڪڍيو. ڇوڪري نالي تي ٺهيل عارضي ڪاٺ جي رستي ذريعي نالي ۾ ڪري پئي، ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته 3 سالن جي عليزا کي نازڪ حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هوءَ علاج دوران فوت ٿي وئي.ياد رهي ته هن سال جون ۾ به حيدرآباد ۾ هڪ ڇوڪري کليل نالي ۾ ڪري پئي هئي. نوجوان رابيل 3 نمبر تلاءَ جي نالي ۾ ڪري پيو ۽ فوت ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو