حيدرآباد: (ن س) سحرش نگر جي حد ۾ هڪ تيز رفتار ڊمپر ڪار ۽ رڪشا کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ رڪشا ڊرائيور فوت ٿي ويو.ذريعن موجب، افسوسناڪ حادثي جي نتيجي ۾، 50 سالن جو رڪشا ڊرائيور رسول بخش سخت زخمي ٿي پيو ۽ کيس فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو. متاثر اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.حادثي جو سبب پڻ معلوم ٿي چڪو آهي. ريلوي ڦاٽڪ بند هجڻ سبب، ڊمپر پارڪ ٿيل گاڏين سان ٽڪرائجي ويو. حادثي کان پوءِ ڊمپر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.










