حيدرآباد (ن س)حيدرآباد جي هٽڙي ٿاڻي جي حدن ۾ واقع ڳوٺ اسماعيل چند وٽ گندي پاڻي جي هڪ کڏ مان لڳ ڀڳ 50 ورهين جي نامعلوم عورت جي لاش برآمد ٿي آهي، جنهن جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي۔اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو۔پوليس موجب فوت ٿيل عورت جي چهري تي تشدد جا واضح نشان موجود آهن، جنهن مان شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته کيس قتل ڪرڻ بعد لاش گندي پاڻي جي کڏ ۾ اڇلايو ويو۔پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي سڃاڻپ لاءِ ڪوششون جاري آهن، جڏهن ته واقعي جي هر پهلوءَ کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي۔










