حيدرآباد:(رپورٽر) ڪراچي کان پوء حيدرآباد ۾ به ڊمپر مافيا بي قابو ٿي وئي، حيدرآباد جي گدو چوڪ واري علائقي ۾ ھڪ افسوس ناڪ واقعو پيش آيو آھي، تيز رفتاري سبب ڊمپر جو ٻن رڪشائن کي ٽڪر، جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو فوت ۽ ٽي زخمي ٿي پيا، حادثي جي نتيجي ۾ ٻئي رڪشا مڪمل طور تي تباھ ٿي ويا، حادثي سبب 50 ورهين جو نوابشاھ واسي غلام رسول فوت ٿي ويو جڏھن ته اصغر، رمشاد، محمد علي زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ ھڪ ڄڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، ڊمپر جو ڊرائيور پوليس جي موجودگي ۾ فرار ٿي ويو.فوتي جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاء حيدرآباد جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته زخمين کي به علاج لاء سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جنھن بعد رڪشا يونين ۽ ڊرائيورن پاران گدو چوڪ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو جنھن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، رڪشا ڊرائيورن جو چوڻ آھي ته ڊمپر مافيا ھاڻي حيدرآباد ۾ به ماڻھن لاء موت جو سبب بڻجي چڪي آھي، انتظاميه انھن خلاف ڪو به قدم نٿي کڻي، واقعي ۾ ملوث ڊمپر جي ڊرائيور کي فوري طور گرفتار ڪري ڊمپر مافيا خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.










