حسان نيازي فرار ڪيس:  زيدي ۽ حليم عادل تي فرد جرم لاڳو

حسان نيازي فرار ڪيس: زيدي ۽ حليم عادل تي فرد جرم لاڳو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مقامي عدالت حسان نيازي کي فرار ڪرائڻ جي ڪيس ۾ علي زيدي ۽ حليم عادل شيخ تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي.ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ جنوبي سٽي ڪورٽ مان حسان نيازي کي فرار ڪرائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ پوليس حليم عادل کي عدالت ۾ پيش ڪيو. جڏهن ته علي زيدي به عدالت جي آڏو پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران پوليس جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن تي حسان نيازي کي سٽي ڪورٽ مان فرار ڪرائڻ جو الزام آهي، سندن خلاف ڪيس ٿاڻي سٽي ڪورٽ ۾ داخل ٿيل آهي.جنهن کان پوءِ عدالت علي زيدي ۽ حليم عادل شيخ تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي پر ٻنهي جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن تي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي گواهن کي طلب ڪري ورتو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 6 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو