جيڪب آباد ۾ مبينا مقابلو، هڪ جوابدار گرفتار، 5 فرار

جيڪب آباد ۾ مبينا مقابلو، هڪ جوابدار گرفتار، 5 فرار

جيڪب آباد: (ن س) سرڪي پل ويجهو ڏوهارين ۽ پوليس جي وچ ۾ ٿيل مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس موجب، فائرنگ جي تبادلي ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس 5 ساٿي موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. زخمي جوابدار زوهيب پهنور کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.جوابدار جي قبضي مان هڪ غير لائسنس پستول ۽ چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي. فرار جوابدار جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو