ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)باجوڙ جي رهواسي فتنه الخوارج جي هڪ گهربل دهشتگرد دوست محمد کي ڪراچي جي گلستان جوهر مان گرفتار ڪيو ويو.ان حوالي سان رينجرز ترجمان چيو ته جوابدار 2020 ۾ پنهنجن ساٿين سان گڏ اسسٽنٽ ڪمشنر نواگئي خيبرپختونخوا تي فائرنگ ۾ ملوث هو.ترجمان چيو ته جوابدار سرڪاري مشينري کي باهه ڏيڻ ۾ به ملوث آهي. واقعي جو ڪيس سي ٽي ڊي مالاڪنڊ ريجن پوليس اسٽيشن ۾ دهشتگردي جي دفعات تحت داخل ڪيو ويو آهي.رينجرز ترجمان چيو ته گرفتار جوابدار واقعي کان پوءِ ڪراچي ۾ لڪيل هو. جوابدار فتنہ الخوارج جي ٻين ساٿين سان گڏ حساس هنڌن تي دهشتگردي جي منصوبابندي ڪري رهيو هو.رينجرز ترجمان اهو به چيو ته گرفتار جوابدار جي ٻين ساٿين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.










