ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جوبلي مارڪيٽ ويجهو شهري جي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو زخمي ٿي پيو، پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو.
پوليس موجب، ڌاڙيل شهري جي نئين موٽرسائيڪل ڦرڻ کان پوءِ فرار ٿي رهيا هئا.
ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ هڪ رستو ويندڙ به زخمي ٿي پيو.
زخمي ڌاڙيل جو ساٿي شهري جي موٽرسائيڪل کڻي فرار ٿي ويو، جڏهن ته زخمي ڌاڙيل کي پوليس وقت تي پهچڻ تي گرفتار ڪري ورتو.










