ٺٽو(عبدالوحيد سومرو) جهرڪ ڀرسان ٽرڪ جو اي پي وي وين کي ٽڪر, وين ڪلٽي ٿيڻ ڪري هڪ ڄڻو فوت چار زخمي ٿي ويا، وين ۾ سوار حيدرآباد واسي هڪ ڄڻو اجو گاڏي جي هيٺيان اچي فوت ٿي ويو جڏھن ته 4 ڄڻا صفدر دانش نديم ۽ جمشيد سخت زخمي ٿي پيا جن کي 1122 ريسڪيو ايمبولينس ذريعي حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو حادثي جو شڪار ٿيلن جو تعلق حيدرآباد جي مسيحي برادري سان ٻڌايو وڃي ٿو










