جهانيان (ويب ڊيسڪ)پنجاب صوبي جي جهانيان شهر ۾ روڊ ڪراس ڪندي هڪ گاڏي ڪنٽينر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ماڻهو مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.پوليس موجب، حادثو قطب پور ٽول پلازا علائقي جي ويجهو پيش آيو، جتي گاڏي روڊ ڪراس ڪندي هڪ ڪنٽينر سان ٽڪرائجي وئي.پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ ٽي ماڻهو فوت ۽ هڪ شخص زخمي ٿيو، پر فوت ٿيلن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.پوليس موجب، حادثي ۾ زخمي ٿيل شخص کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










