ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جنگ جي ڪري ڪراچي ايئرپورٽ تي ڦاٿل اٺ هندستاني مسافر سريلنڪا لاءِ روانا ٿي ويا آهن،آفيسرن موجب، هندستاني مسافر شارجه ذريعي آذربائيجان کان ڪويت وڃي رهيا هئا، پر جنگ جي ڪري باڪو کان شارجه ويندڙ پرواز کي ڪراچي ڏانهن موڙيو ويو.هندستاني مسافرن کي سريلنڪا جي هڪ پرواز ذريعي ڪولمبو موڪليو ويو آهي جتان اهي اڄ منجهند انڊين ايئر لائنز جي پرواز ذريعي نئين دهلي پهچندا.










